پاڪستانسنڌ

قاسم آباد ۾ نوجوان جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش مليو

حيدرآباد: قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني واري علائقي مان نوجوان جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش هٿ. خودڪشي جا چوٻول. خبر موجب حيدرآباد جي قاسم آباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد جي علائقي سٽيزن ڪالوني مان 25 ورهين جي نوجوان جهان بخش پٽ منظور سومرو جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش مليو. اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن پهچي لاش سول اسپتال پهچايو، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اطلاع ملڻ تي سول اسپتال ۾ پوليس پڻ پهتي. وارثن پوليس کي ٻڌايو ته نوجوان گهريلو پريشانين کان تنگ اچي پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button