پاڪستانسنڌ

سجاول ۾ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

سجاول: سجاول ويجهو دڙي موري جي رهواسي گذريل ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان زاهد سومرو جي وارثن پاران سجاول پوليس اسٽيشن اڳيان عبدالغني سومرو، عبدالقادر سومرو ۽ بابلي سومرو جي ڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان جي ڳوٺ ڀرسان رهندڙ بااثر ماڻهن ٽي ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان زاهد سومرو پٽ بابلي سومرو کي اغوا ڪري سخت تشدد جو نشانو بنايو آهي. هنن چيو ته اسان کي معلوم ٿيو آھي ته ميمڻ برادري جي بااثر ماڻهن پاران گذريل ڏينهن تعلقي اسپتال سجاول ۾ نوجوان کي علاج ڪرائڻ لا پڻ آندو ويو هو پر سندس نازڪ حالت هئڻ ڪري ڊاڪٽرن نوجوان کي ڪراچي ريفر ڪيو.

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته ميمڻ برادري جي چڱن مڙسن گذريل ڏينهن اسان سان اهو اقرار پڻ ڪيو هو ته توهان جو نوجوان اسان وٽ آهي ۽ انهن واعدو ڪيو هو ته سڀاڻي تائين توهان کي نوجوان واپس ڪنداسين پر هن وقت تائين انهن جي واعدي تي عمل ناهي ٿي سگهيو. هنن ٻڌايو ته ايس ايڇ او سجاول ميمڻ برادري کان اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ لا مهلت ورتي آهي، جيڪڏهن هن مهلت تي عمل نه ٿيو ته اسان وڌيڪ لائحه عمل جوڙينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button