پاڪستانسنڌ

پنگريو ۾ ڇوڪري سان لڄالٽ واقعي خلاف هڙتال، شهرين جو ڌرڻو

ڪلوئي: پنگريو لڳ ڊاڀي فارم جي رھواسي جي 16 ورھين جي نياڻي سان ٻن جوابدارن پاران لڄالٽ ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لغاري برادري جي سوين ماڻهن جماعت، اسلامي تحريڪ لبيڪ پاڪستان، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين پ پ اڳواڻ مير محمد بخش ٽالپر، نديم گجر، عابد شاھه، رضا کوسو، فقير لال بخش احمداڻي، حاجي عبدالعزيز لغاري، مخدوم علي اڪبر، اعجاز سمون ۽ عبدالئي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نياڻي سان وڏو ظلم ٿيو آھي، پر ايس ايڇ او پنگريو جوابدار گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي، غريب وارثن کي بااثر دٻائي لڄالٽ جو ڪيس لئه مٽي ڪرڻ چاھين ٿا. ھنن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. جڏهن ته مڇريل ماڻهن ٿاڻي جو گهيرا پڻ ڪيو. احتجاج بعد پوليس ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ ڊي ايس پي ٽنڊوباگو ۽ ايس ايڇ او پنگريو کي سخت هدايت ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button