اسلام آباد : يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ترجمان چيو آهي ته سڄي ملڪ جي سمورن يوٽيلٽي اسٽورز تي سبسڊائزڊ شيون کنڊ، گيهي ۽ اٽو وڏي مقدار ۾ دستياب آهي. وفاقي حڪومت عوام جي مشڪلاتن جو ازالو ڪندي يوٽيلٽي اسٽورز تي بنيادي شين تي خصوصي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي. کنڊ، گيهي ۽ اٽي تي خصوصي سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته کنڊ 70 رپيا في ڪلو، گيهي 300 روپيا في ڪلو ۽ اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 400 روپين ۾ فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته چانورن ۽ دالين تي به رعايت ڏني پئي وڃي. سڄي ملڪ جي سمورن اسٽورن تي سبسڊائزڊ شين جي وڏي مقدار ۾ فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڪنهن شيءَ جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ عوام جي سهولت لاءِ انهن شين جي اسٽورز تي سپلائي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رش کان بچڻ لاءِ وڏن اسٽورز تي ڪائونٽرن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميا عوام کي بهترين سروسز فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close