پاڪستان

مريم نواز سپريم ڪورٽ جي بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور: ن ليگ نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ جي بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته جيڪڏهن انصاف جا ايوان به ڌمڪي، بدتميزي ۽ گارين جي دٻاءَ ۾ اچي گهڙي گهڙي هڪ ئي بئنچ ذريعي خاص فيصلا ڪندا آهن ۽ پنهنجي ئي فيصلن کان انڪار ڪندا آهن، سڄو وزن تارازي جي هڪ ئي پاسي وجهي ڇڏيندا آهن ته اهڙن هڪ طرفن فيصلن سامهون ڪنڌ جهڪائڻ جي اسان مان اميد نه رکي وڃي، گهڻو ٿيو. هن چيو ته موجوده سياسي انتشار ۽ عدم استحڪام جو سلسلو ان عدالتي فيصلي کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ذريعي پنهنجي پسند جي تشريح ڪندي پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏيندڙن جا ووٽ نه ڳڻڻ جو حڪم جاري ٿيو، اڄ ان جي هڪ نئين تشريح ڪئي پئي وڃي ته جيئن هاڻ به ان لاڏلي کي فائدو پهچي، جيئن ڪالهه پهتو ۽ اهو سڀ نامنظور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button