پاڪستانپنجاب

حمزا شهباز سومر تائين ٽرسٽي وڏي وزير طور ڪم ڪندو: سپريم ڪورٽ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي معاملي تي پرويز الاهي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته حمزا شهباز سومر تائين ٽرسٽي وڏي وزير طور ڪم ڪندو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پنجاب جي وڏي وزير جي معاملي تي پرويز الاهي جي درخواست تي شنوائي ڪئي. عدالت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته حمزا شهباز سومر تائين ٽرسٽي وڏي وزير طور ڪم ڪندو، وڏي وزير جا اختيار محدود رهندا، سموريون مقرريون ميرٽ تي ٿينديون، ميرٽ کان هٽي مقرريون ٿيون ته ڪالعدم ڪنداسين، وڏو وزير سياسي فائدي لاءِ ڪجهه نه ڪندو، سپريم ڪورٽ جو وڏي وزير تي چيڪ رهندو، بادي النظر ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ابتڙ آهي. چيف جسٽس چيو ته لڳي رهيو آهي ڊپٽي اسپيڪر اسان جي فيصلي خلاف رولنگ ڏني، اسان وٽ اسان جو فيصلو آهي، جنهن ۾ اهو قانون ڊڪليئر قرار ڏنو ويو آهي. عدالت ڊپٽي اسپيڪر کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ڪهڙي بنياد تي رولنگ ڏني وئي، پنجاب حڪومت به لکت ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائي. ان کان اڳ شنوائي جي شروعات تي چيف جسٽس چيو ته ڊپٽي اسپيڪر کي ذاتي طور ٻڌڻ چاهيون ٿا، هو اليڪشن جا سمورا رڪارڊ به آڻي، ڊپٽي اسپيڪر اچي موقف جو دفاع ڪري ۽ ٻڌائي، پريشان نه ٿيو هي رڳو هڪ قانوني سوال آهي، ياد رکو اهڙا معاملا غير تجربي ڪاري سبب پيش ايندا آهن، اهو معاملو تشريح کان وڌيڪ سمجهڻ جو آهي. عدالت ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري کي 2 وڳي طلب ڪندي وڏي وزير حمزا شهباز کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالتي ڪمرو وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن سان ڀرجي ويو ۽ رش سبب دَر جا شيشا ڀڄي ويا، پوءِ چيف جسٽس وڊيو لنڪ ذريعي شنوائي شروع ڪئي. ان دوران عرفان قادر ايڊووڪيٽ ڊپٽي اسپيڪر جي وڪيل جي حيثيت سان پيش ٿيو، عدالت کانئس پڇيو ته توهان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو دفاع ڪهڙي بنياد تي ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي بنياد تي دفاع ڪري رهيا آهيون، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو هو ته باغي ميمبرن جو ووٽ شمار نه ٿيندو. چيف جسٽس چيو ته اسان 17 مئي جي فيصلي تي نظرثاني نه ڪنداسين، اسان وٽ 17 مئي وارو آرڊر به چئلينج ناهي ٿيل، ڊپٽي اسپيڪر سپريم ڪورٽ آرڊر جي آڙ وٺي ووٽ شمار نه ڪيا، اهو حصو ٻڌايو ڪٿي آهي؟ توهان وڏا سينيئر وڪيل آهيو، توهان کي خبر هوندي اسپيڪر فيصلو ڪٿان کنيو؟ وڪيل چيو ته مان رڳو ٻه ڪلاڪ پراڻو آهيان، عدالت کي سڀني تفصيلن کان آگاهه ڪيان ٿو، عدالت جي مدد ڪيان ٿو اڳ ۾ ڪجهه حقيقتون ٻڌائي ڇڏيان. چيف جسٽس چيو ته اسان به ٻه ڪلاڪ ئي پراڻا آهيون، توهان اسان کي آرڊر بابت حصو پڙهي ٻڌايو. ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن پاڻ ئي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ پڙهي ۽ چيو ته ڊپٽي اسپيڪر فيصلي جي جنهن پيرا نمبر 3 جو حوالو ڏنو اهو پڙهو، وڪيل چيو ته آرٽيڪل 3 ون اي تحت باغي ميمبرن جا ووٽ شمار نه ٿيندا ته اها عدالت جي تحقيق هئي نه؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اهو عدالت جو فيصلو آهي عدالت جي تحقيق نه. وڪيل چيو ته ڊپٽي اسپيڪر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ووٽ شمار نه ڪرڻ درست سمجهيو، ڊپٽي اسپيڪر وٽ ٻه چوائسز هيون، يا ته چئي ها ووٽ نه ڳڻيا ويندا يا ڳڻيا ويندا. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سپريم ڪورٽ چيو هو پارليامينٽري پارٽي جي هدايت خلاف ووٽ شمار نه ٿيندو، ڊپٽي اسپيڪر پيرا 3 تي ڀاڙي ڇا سمجهيو آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته ڊپٽي اسپيڪر سمجهيو پارٽي سربراهه ئي پارليامينٽري پارٽي جي سربراهي به ڪندا آهن. چيف جسٽس چيو فرض ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر غلط سمجهيو ته نتيجا ڇا هوندا؟ وڪيل چيو مان توهان کان گهٻرايان ٿو اهو تسليم ڪرڻ وارو بيان نٿو ڏئي سگهان، بادي النظر بدقسمتي، خوش قسمتي سان منهنجي راءِ به ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ سان گڏ آهي. عدالت چيو توهان ٻڌايو ڊپٽي اسپيڪر فيصلو غلط سمجهيو ته اڳتي ڇا ٿيندو؟ عرفان قادر ايڊووڪيٽ چيو ته حقيقيتن تي ڪو تڪرار ناهي، اڃا مون کي ڊپٽي اسپيڪر طرفان جواب به جمع ڪرائڻو آهي، جيڪڏهن عدالت چئي ته ڊپٽي اسپيڪر بامقصد بيان عدالت ۾ پيش ڪندو. چيف جسٽس پڇيو ته اسيمبلي کان ڪو رڪارڊ پيش ٿيو آهي؟ ان تي وڪيل چيو ته منهنجي علم ۾ ناهي ته رڪارڊ آيو آهي يا نه، توهان کي رڪارڊ سان ڪهڙي مخصوص شئي ڏسڻي آهي؟ چيف جسٽس چيو ته اسان ڏسڻ چاهي رهيا آهيون ته اسپيڪر جي هٿ ۾ خط هو اهو ڏيکاري، بادي النظر ۾ حمزا شهباز جي وڏ وزارت جو عهدو وڏي خطري ۾ آهي. عدالت ڪيس جي شنوائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button