پاڪستانسنڌ

برسات بعد ڪوهستان سائي چادر اوڍي ورتي

ٿاڻوبولاخان:ڪوهستان جي مختلف علائقن ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو احمد خان، سري، مول، ڪرچات، ٽڪو بارڻ، نوري آباد، ڪلو کوهر، رني ڪوٽ، کيئيجي ڪوهتراش ۽ ٻين علائقن ۾ سانوڻي جي زوردار برسات پئي، کير ٿر، سورجاڻو ۽ ڪانڀو ايري جبلن تان پاڻي وهي آيو، جنهن ڪري ڪوهستان جون مختلف نيون ڀروڻي، شم، کانٽو ۽ ڊورا وهي آيون، جنهن ڪري ٻنيون ٻارا پاڻي سان ٽمٽار ٿي ويا ۽ ٻنين جا بند ٽٽي ويا. ڪوهستان ۾ برسات کانپو ڌرتي سائي چادر اوڍي ورتي، رهواسي ۽ سندن مال ٻهڪي پيو. نئين ڀروڻي جو پاڻي نيو ميمڻ پاڙي ۽ ڳوٺ حاجي الھبچايو خاصخيلي جي گهرن ۾ ڪاهي پيو. ٻئي طرف دروات ڊئم ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي، جنهن ڪري ڪوهستان جا 10 ڳوٺ لونگ کوسو، خميسو پالاري، حاجي دادو پالاري، ننگر کوسو، محمد الرحيم نيهاڙي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڊيم جو پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن سبب رهواسي گهر ڇڏي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جيڪي مال متاع ۽ ٻار وٺي ڳوٺن مان نڪري ٻاهر آيا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي سنڌ سرڪار ڪا به مدد ناہي ڪئي، جانيون بچائي ٻاهر نڪتا آهيون. جڏھن ته مختيارڪار ٿاڻو بولا خان ممتاز ٽالپر پنهنجي عملي سان گڏ متاثر ڳوٺن جو دورو ڪري جائزو ورتو. هوڏانهن ڪوهستان ۾ برسات بعد بجلي بند پيل آهي. ڪوهستان جي مختلف علائقن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button