پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ جوان ڇوڪري مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ جوان ڇوڪري ڦاھو کائي انت آڻي ڇڏيو. شهر جي وارڊ نمبر 2 جي رھواسڻ 20 ورهين جي سلمى زال ذوالفقار علي چانڊيو مبينا طور ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته سلمى جو ذھني توازن درست نه ھو، ان ڪري ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آهي. هوڏانهن وارثن سلمى جو گهر اندر ٽنگيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽر آندو، جتان ليڊي ڊاڪٽرياڻي موڪل تي ھئڻ سبب لاش ڊگهري منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي وارثن ٻڌايو ته ناري جو دماغي توازن درست نه ھو، ان ڪري هن انت آندو. پوليس جو چوڻ هو ته ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ڊگهري منتقل ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button