ڪنڊيارو ڀرسان جوابدار ڀا پنهنجي نوجوان ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ نهال شاهه ۾ جوابدار فائر ڪري پنهنجي ڀيڻ عرفانا کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي حد جي محبت ديرو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته جوابدار مختيار شاهه پنهنجي نوجوان ڀيڻ کي گهرو مسئلي تان بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف آخري اطلاع واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close