پاڪستانسنڌ

گهارو شهر کي جبلن کان آيل پاڻي گهيري ورتو

گهارو: گهاري ۾ رات کان جاري برسات سبب جبلن کان آيل پاڻي ريلن جي صورت ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿي ويو. قومي شاهراھه مڪمل طور پاڻي سان ڀرجي ويو، جنهن بعد ڊي سي ٺٽو مشينري سميت گهارو پهچي ۽ روڊ کي ڪٽ ھڻائي پاڻي جو جو رخ شهر کان ڪريڪ طرف موڙي ڇڏيو، جنهن بعد ٽي ايم او ۽ مقامي انتظاميا موٽرون لڳائي ٻڏل علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف برساتي پاڻي گهارو نمبر 2 جي سمورن علائقن کي مڪمل طور ٻوڙي ڇڏيو، مقامي انتظاميا جي ڪوششن باوجود جبلن کان شهر ۾ داخل ٿيندڙ برساتي پاڻي مسلسل اچي رهيو آھي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن کاڌ خوراڪ لاءِ پريشان آھن. پاڻي هيٺ علائقن ۾ سوين ڦاٿل خاندانن کي هيستائين ڪنهن به ريسڪيو ناهي ڪيو. ٻئي طرف ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري، ڄام احسان جوکيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ناصر عباسي گهارو پهچي مقامي انتظاميا کي ٻڏل علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊي سي ٺٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته برساتن جي تباهڪارين ۾ گهارو جي شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، برساتي پاڻي ۾ ٻڏل علائقن جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ ڪئمپون قائم ڪيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button