پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب شاگرد سميت 2 ماڻهو فوت، هڪ زخمي

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ برسات کانپو ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ شاگرد سميت 2 ماڻهو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ ٽنڊوآدم ۾ برسات کانپو ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ ڳوٺ عارب خاصخيلي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 55 ورهين جو مولوي احمد خاصخيلي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سراج ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ڏهين ڪلاس جو شاگرد حمزه ولد محمد الياس فوت ٿي ويو. الهيار ڳوٺ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب غلام علي پٽ محمد صوبا ملڪ زخمي ٿي پيو، لاش ۽ زخمين کي اسپتال آندو ويو، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button