اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جي وقت کان اڳ مقرري ۾ ڪو حرج ناهي:صدر عارف علوي

اسلام آباد :صدر عارف علوي چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو ڳالهين سان حل ٿي سگهي ٿو. ان جي وقت کان اڳ جيڪڏهن مقرري ٿئي ٿي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي. ملڪ ۾ فوج جو ڪو آئيني ڪردار ناهي هوندو. ملڪ جي مسئلن جو حل صدارتي نه پر جمهوري نظام آهي. ڪالهه صدر عارف علوي سان صحافين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجون وزيراعظم سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن، هي تاثر غلط آهي ته منهنجا وزيراعظم سان لاڳاپا بهتر ناهن. جڏهن کان هيءَ حڪومت آئي آهي، ان مون کي 74 سمريون اماڻيون، 74 مان 69 سمرين تي صحيح ڪري اماڻي ڇڏيون. انهن سمرين جي معاملي تي عمران خان سان ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي پر نيب ۽ اي وي ايم مشينن جي سمري تي صحيح نه ڪئي. هن چيو ته نيب ترميمي آرڊيننس، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ گورنر پنجاب بابت سمرين مون روڪيون، انهن سمرين کي روڪڻ تي مون کي ڪنهن طرفان ڪو دٻاءُ نه هيو. منهنجي پنهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال هئا، ان ڪري سمرين کي روڪيون پر اي وي ايم، نيب جي سمري تي منهنجي عمران خان سان ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان رابطي بابت صدر جو چوڻ هو ته عمران خان سان واٽس ايپ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، آخري ڳالهه ٻولهه ان وقت ٿي هئي، جڏهن پنجاب ۾ گورنر جو اشو هيو. سندس چوڻ هو ته صدر طور مون وٽ اختيار ناهن ته ڪنهن کي چوان ته ڳالهيون ڪريو، چاهين ته ايوان صدر ڳالهيون ڪرائي سگھي ٿو پر ان وٽ اهڙين ڪنهن ڳالهين جو اختيار ناهي. ڳالهيون ان صورت ۾ ممڪن آهن، جڏهن سمورا اسٽيڪ هولڊرز راضي هجن. سموريون ڌريون راضي هجن ته پريزيڊنٽ هائوس ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته مون کي چيو وڃي ٿو ته آرمي، نيول يا ايئر چيف سان گڏجي ڪردار ادا ڪيو، جيڪو مان نٿو ڪري سگھان. پارلياماني نظام ئي بهترين آهي، هر هر ڪو تڪرار شروع نه ڪرڻ گھرجي.هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته جيڪڏهن وقت ۽ حالتون تبديل ٿي وڃن ته توهان کي پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته نيوٽرل کي سدائين نيوٽرل رهڻ گھرجي. هن چيو ته صدر وٽ اسيمبليون ٽوڙڻ جي اختيار خلاف آهيان، افسوس جي ڳالهه آهي ته اعليٰ عدالت ۾ اهو ماحول ڏسي رهيا آهيون. جسٽس قاضي خلاف ريفرنس بابت عارف علوي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي تلور جي شڪار بابت فيصلي کي ساراهيو هيو، جسٽس قاضي بابت مون کي جيڪو ريفرنس اماڻيو ويو، مون اڳتي موڪلي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ذاتي حيثيت ۾ سمجهان ٿو ڪليئر مينڊيٽ گھڻو ضروري آهي، وقت ڪهڙو به هجي، جنهن غداري ڪئي ان تي آرٽيڪل 6 ضرور لڳايو، مون نه آئين ٽوڙيو ۽ نه غداري ڪئي آهي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت صدر چيو ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ نٿو چاهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پرڏيهي خط تي جيڪڏهن جاچ ٿي آهي ته عوام ۾ آڻڻ گھرجي. صدر کان سوال ڪيو ويو ته آرمي چيف جي مقرري نومبر ۾ ٿيڻي آهي، راءِ آهي ته بحرانن سبب اهو اڳ ٿي وڃي ته ڪيئن رهندو؟ ان تي عارف علوي چيو ته صلاح ايتري بُري ناهي، هي معاملو زميني حقيقت آهي ۽ هي معاملا ڳالهين سان حل ٿي سگھن ٿا.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪمري ۾ جيڪو هاٿي گھڙيل آهي، اهو هاڻ کان نه 50 سالن کان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button