اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي ايم ڪيو ايم جي درخواست تي شنوائي ڪئي. درخواست تي شنوائي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته ان معاملي تي وفاقي حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ته جواب جمع ڪرائي ڇڏي. ان دوران عدالت سنڌ حڪومت کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل استدعا ڪئي ته سنڌ حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو وڃي. عدالت سنڌ حڪومت کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چار آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close