اسلام آبادپاڪستان

جاويد اقبال تي الزام:جاچ ڪميشن وٽ متاثر عورت طيبا گل طلب

اسلام آباد :نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال تي الزامن جي معاملي تي جاچ ڪميشن متاثر عورت طيبا گل کي گھرائي ورتو. حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميشن متاثر عورت طيبا گل کي 28 جولاءِ تي طلب ڪيو آهي. ياد رهي ته اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال تي عورت طيبا گل الزام لڳايا هئا ته 45 ڏينهن هن کي ۽ سندس مڙس کي پرائم منسٽر هائوس ۾ مرضي خلاف واڙيو ويو ۽ موبائل به ورتي وئي هئي.هن الزام هنيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان منهنجون وڊيوز حاصل ڪري نيب ۾ پنهنجا ڪيس بند ڪرايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button