پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ روڊ جي ڪم ناقص مٽيريل جي استعمال جو انڪشاف

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ تڙ احمد کان فقير جو تڙ ويندڙ روڊ ۽ ساڪريو کان ريشم جو تڙ تائين هلندڙ ڪم ۾ مبينا ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي. سماجي اڳواڻ محمد حسن مڱريو وڌيڪ چيو ته روڊ تي مٽي جي ڀرائي ڪرڻ بدران مڪس ريتي جي ڀرائي ڪئي وئي آهي، برساتن کانسوا واري نڪري وئي، ڀورڙهو، ڳاڙهو ۽ لوڪل پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن جو نتيجو روڊ ٺهڻ کانپوءِ هڪ سال اندر ملي ويندو. هتي ڪنهن انجنيئر يا پروانشل کاتي جي عملدارن کي روڊ ڏسندي نه ڏٺو آهي، ٺيڪيدار کي کلي ڇوٽ حاصل آهي، خدشو آهي ته عوام جي ٽئڪس جا ڪروڙين رپيا ڪامورا ڳڙڪائي ويندا. هن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪرپٽ آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button