اسلام آبادپاڪستان

ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ رد ڪرڻ انصاف جي فتح آهي:شاهه محمود

اسلام آباد :تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دوست مزاري آئين کي چٿيو، اصولن جي پاسداري نه ڪئي، اڄ ثابت ٿي ويو ته عدليا آزاد آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته دوست مزاري قانون جو به لحاظ نه ڪيو، هو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو هو، عدليا صبر سان تنقيد برداشت ڪئي ۽ پنهنجي ذميواري نڀائي. هن چيو ته حڪومت دير جا حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، قانون واري وزير کي روسٽرم تي اچي ڳالهائڻ جو ڪهڙو اختيار هو؟ هن ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ ثابت ٿي ويو ته پاڪستان جي عدليا آزاد آهي. سندس چوڻ هو ته انصاف جي فتح تي سڄي قوم کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، پاڪستاني عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button