پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ پاڻي نه ڪڍڻ خلاف احتجاج، چوٽياري ڊئم کي ڪٽ ڏيڻ جي ڪوشش

سانگھڙ:سانگھڙ جي يوسي شاھه سڪندرآباد جي 4 ديھن لٻ، سينھوري، ھرن واري ۽ اڪن واري ھاڻوڪي برساتن سبب سخت متاثر ٿيون، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري علائقي واسين چوٽياري ڊئم کي ڪٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن رهواسين چوٽياري ڊئم جي زيرو پوائنٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي علي مراد جوڻيجو، جعفر ٻھڻ، عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته ھميشا برساتون پوڻ ۽ ڊئم ڀرجڻ بعد اسان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، اسان جون ٻنيون ٻارا سم ۽ ڪلر ۾ تباهه ٿين ٿا، پر جيڪي به منصوبا سم ۽ برسات جي پاڻي کي ڊئم ۾ وجھڻ لا آندا ويا، اهي سڀ ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، نه ئي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي آهي، نه ئي جنريٽر هلي ٿو، ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا فنڊ هڙپ ڪن ٿا. اسان مجبور ٿي ڊئم کي ڪٽ پئي ڏنو ته جيئن پاڻي نڪري سگهي. هنن چتا ڏنو ته برساتي پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو ته اسان ڊئم کي ڪٽ ڏينداسين. ان موقعي تي ڊئم موجود ايس ڊي او چوٽياري ريزووائر ھالار راڄپر ٻڌايو ته پمپنگ اسٽيشن تي بجلي نه ھئڻ ڪري ڏکيائيون پيش اچن پيون، بجلي تي جيترو سم جو پاڻي کڻبو، اوترو جنريٽر تي کڻي نه سگهنداسين. اسان ڳوٺاڻن سان ڳالهين لا تيار آهيون، پر رهواسي ضد ڪري قومي اثاثي کي نقصان پھچائڻ ٿا چاھين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button