پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ برساتي پاڻي بيٺل، دڪاندارن جو مظاهرو

شھدادپور: شھدادپور جي ملدسي روڊ تي 15 ڏينهن کان روڊ تي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف علائقي واسين ۽ دڪاندارن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نصير ڏيٿو، بالو راجپوت، جاني ڪمار، علي شير ڪيريو ۽ ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ميونسپل ڪميٽي شهدادپور جي لاپرواهي سبب 15 ڏينهن کان پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب اسان جو سڪون تباهه ٿي ويو آهي، برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب هڪ طرف جيت مڇرن ۽ ڌپ جو آزار آهي، مٿان وري ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته فوري طور پاڻي نيڪال ڪري علائقي واسين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button