پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ برساتي پاڻي بيٺل، 17 گهر ڊهي پٽ

عثمان شاھه ھڙي: ٽنڊوالهيار ۾ ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب ڳوٺاڻا عذاب ۾ اچي ويا. يوسي ميل موري جي ڳوٺ داد محمد بلوچ ۾ محمد بخش ڇٽو، محمد صالح ڇٽو، رمضان ڇٽو، غلام قادر، علي خان ۽ مولابخش ڇٽو جا گهر برسات سبب ڊهي پٽ ٿي ويا، جنهن بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثرن چيو ته سوشل توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ آواز اٿارڻ باوجود انتظاميا ناهي پهتي، گهرن ۾ پيل اناج، کٽون، هنڌ بسترن سميت لکين رپين جو سامان ديوارن هيٺان اچي ويو آهي، نوٽيس وٺي اجها اڏي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي يوسي ڊاسوڙي جي ڳوٺ هارون ساند ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڦوٽو، سومار ۽ نارو ڀيل سميت 6 ماڻهن جا گهر ڊهي پيا. متاثرن موجب ڦوٽو ڀيل، سومار ڀيل، نارو ڀيل ۽ ٻين جا گهر برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري پٽ ٿي ويا آھن، چونڊيل نمائندن توڙي تعلقي انتظاميا ڪا سار نه لڌي، ڳوٺ کٻڙ ڇڇر ۾ فقير ڀيل ۽ حڪيم ڀيل جا گهر ڪرڻ سبب گهرن ۾ پيل الماريون، کٽون، بسترا ۽ نياڻين جو ڏاج ديوارن هيٺان اچي ويو. متاثرن واهر جي اپيل ڪئي. ٻئي پاسي گذريل رات جي برسات سبب ڳوٺ لونگ بالادي ۾ پورهيت الياس جو ڪچو گهر ڊهي پٽ ٿي ويو. هوڏانهن مسلسل 4 ڏينهن کان جاري برسات سبب ڪيترن ئي ڳوٺن مان بيٺل پاڻي انتظاميا نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي. ڳوٺاڻن صوبائي وزير ضيا عباس کان مطالبو ته نوٽيس وٺي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ پاڻي نيڪال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button