اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جو شرمناڪ ڪردار،خوف آهي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون:عمران

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، ايتري ترقي مشرف جي دور ۾ هئي، ڇو ته ان وقت اسان آمريڪا جي جنگ وڙهي رهيا هئاسين. عوام کي پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ اسان کي هارائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ويو. حمزا کي غير آئيني طور وڏو وزير بڻايو ويو، سپريم ڪورٽ چيو ته رياستي مشينري استعمال نه ٿيندي پر انهن ڪا ڪسر نه ڇڏي. سڀ کان شرمناڪ ڪردار اليڪشن ڪميشن ادا ڪيو ۽ ن ليگ سان گڏجي اسان کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسان جي دور ۾ 6 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ٿي رهي هئي، ايتري ترقي مشرف دور ۾ ٿي. مشرف دور ۾ ان ڪري ترقي ٿي، ڇو ته اسان آمريڪا جي جنگ وڙهي رهيا هئاسين ۽ اسان کي ٻاهران ڊالر اچي رهيا هئا، ڪرونا باوجود اسان معيشت کي سنڀاليو. سندس چوڻ هو ته جڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ هو ته سازش جي اجازت ڇو ڏني وئي؟ انهن طاقتن کان سوال ٿو ڪيان، جيڪي سازش کي روڪي پئي سگهيون. مان اهو ٻڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اهي ملڪ نه سنڀالي سگهندا. اسان جتي بيٺا آهيون خوف آهي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، رڳو هڪ ئي رستو آهي، نئين اليڪشن ڪميشن ٺاهي چونڊون ڪرايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button