اسلام آبادپاڪستان

هاڻ اسان فيصلو ڪنداسين ته ڪيترا جج ويهندا(بلاول )وڙهنداسين شڪست نه مڃينداسين:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ عمران خان ورتي، 8 سالن کان فارن فنڊنگ ڪيس پينڊنگ ۾ آهي، ان تي ڪنهن پاڻمرادو نوٽيس ناهي ورتو. وڙهنداسين، مرنداسين پر شڪست نه مڃينداسين. جڏهن ته بلاول ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 آئين نه هلي سگهندا، عدالتي سڌارن لا پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ ضروري آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي صورتحال ابتر ۽ پاڪستان ڏيوالي جي ويجهو آهي پر پي ڊي ايم سياست بدران رياست کي ڏسندي قدم کڻي رهي آهي. بجلي ۽ تيل اگهن تي منهنجو ڪنٽرول ناهي. وزيراعظم چيو ته طوفاني برساتن سان سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ تباهي ٿي. صوبائي حڪومتن ان حوالي سان ڪم ڪري رهيون آهن، وفاق به پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي. ايوان کي خاطري ٿو ڪرايان ته ان معاملي تي وفاقي حڪومت پوئتي نه هٽندي ۽ متاثر خاندانن کي رليف ڏينداسين. هن چيو ته آئين موجب سڀني ادارن کي دائري ۾ رهي خدمتون انجام ڏيڻيون آهن. افسوس ته آئين سان هٿ چراند ٿي ۽ آمريت ايندي رهي، ان غير يقيني ۽ جمهوريت جو تسلسل ٽٽڻ سبب خطي جا ملڪ ترقي جي معاملي ۾ اسان کان اڳتي نڪري ويا. سندس چوڻ هو ته 75 سال گذرڻ باوجود عوام پڇي ٿو ته ملڪ مان ڪڏهن بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ٿيندو. اسان انهن کي ڪو به جواب ڏيڻ کان قاصر آهيون، سڀ ڄاڻين ٿا ته 2018 ۾ ڌانڌلي سان پيدا ڪيل حڪومت پاڪستان تي مڙهي وئي. سڀ ڄاڻين ٿا ته هڪ اڳوڻي چيف جسٽس سبب ڳڻپ روڪرائي وئي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي. ڇا اسان چور دروازي سان آياسين؟ ووٽ جي طاقت سان آئين ۽ قانون موجب ڪرپٽ حڪومت کي ختم ڪيو. نواز شريف ۽ اتحادين جي اصرار تي حڪومت قبول ڪئي. جنرل (ر) پرويز مشرف پنهنجي صدارتي دور ۾ مون کي وزيراعظم بڻجڻ جي آڇ ڪئي پر مان ُٿڏي ڇڏي. مشرف کان اڳ به هڪ صدر چيو هو ته صدر بڻجي وڃو پر مون انڪار ڪيو. هن چيو ته منهنجي سيني ۾ ڪيترائي راز دفن آهن، عدليا جو تمام گهڻو احترام آهي پر حق جي ڳالهه اڄ نه ڪنداسين ته ڪڏهن ڪنداسين. جيڪڏهن عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته انصاف جي بنياد تي ڪرڻو پوندو. 15 سال هڪ لاڏلي کي کير پياري اقتدار ۾ ويهاريو ويو ۽ ان کي ڀرپور سپورٽ ڪيو ويو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ آئين جي تمام گهڻي محنت سان تشريح ڪئي وئي، جڏهن ته آئين پاڪستان جي وحدت جي علامت آهي، ان سڄي ملڪ کي متحد ۽ مضبوط بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئين موجب سمورن ادارن کي پنهنجي دائري ۾ رهي خدمت ڪرڻي آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته هن آئين سان ٽڪراءُ ڪيو ويو ۽ آمريت ايندي رهي. وزيراعظم چيو ته هاڻ ٽن مهينن ۾ چيو پيو وڃي ته مهانگائي وڌي وئي آهي، تيل ۽ بجليءَ جي قيمتن تي منهنجو ڪنٽرول ناهي، اڄ به وقت آهي حالتن تي ضابطو آڻڻو آهي، جيڪڏهن اڄ سچ نه ٻڌايو ويو ته الله نه ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائيندو. ٻئي طرف پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا تڪراري نه ٿئي، ائين نٿو ٿي سگهي ته هڪ نه ٻه آئين هجن، هڪ نه ٻه پاڪستان هجن. اسان کي ڌمڪي ملي ته 19 هين ترميم پاس ڪريو نه ته 18 ترميم کي اڏايو ويندو، اسان ڌمڪي ۾ اچي وياسين، اها اسان جي غلطي هئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا جو ڪردار تڪراري نه هجڻ گهرجي. اسان تجويز ڏني هئي ته فل ڪورٽ ٺاهيو، ائين نٿو ٿي سگهي ته هڪ پاڪستان ۾ ٻه آئين هجن. اسان لاءِ هڪ آئين ۽ لاڏلي لاءِ ٻيو آئين هجي، اسان جو ڪم آئين ٺاهڻ آهي ۽ انهن جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ رڳو چيف جسٽس نه پر سڀني ججن تي ٻڌل آهي. اسپيڪر صاحب عدالتي سڌارن لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي ٺاهي، اها ڪميٽي اڄ ئي ٺاهيو ۽ اسان ان جو حصو بڻجنداسين ۽ اسان فيصلو ڪنداسين ته ڪيترا جج ويهندا. گڏيل پارلياماني ڪميٽي ۾ اپوزيشن جا نمائندا به شامل هجن. اسان قانون سازي ڪيون ۽ فيصلو ڪيون ته ڪيترن ججن کي ويهارڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين چيو ويو ته پارٽي سربراهه جي رضامندي کانسواءِ ميمبرن جو ووٽ نه ڳڻيو ويندو، پوءِ وري چيو ته ميمبر جو ووٽ ڳڻيو ويندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي ڪردار جو دفاع ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ هنن جو ڪم ناهي. جيستائين اسان اهو مسئلو حل نه ڪنداسين پاڪستان جمهوري ملڪ نه بڻجي سگهندو. هن چيو ته جيئن عدالت چيو ته حڪومت جو مطلب ڪابينا آهي، تيئن سپريم ڪورٽ رڳو چيف جسٽس نه پر پوري عدالت آهي، جنهن جو ڪم انصاف جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ ۽ قانون تي عمل ڪرڻ آهي. هن ايوان کي جمهوريت خلاف آئين جي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ هن اسيمبلي کي تالا هڻي ڇڏو. هن آئين جي بحاليءَ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو شهادت ماڻي، اسان پنهنجي دور حڪومت ۾ ارڙهين ترميم ذريعي آئين بحال ڪرايو، ان تاريخي ڪاميابي کانپوءِ اسان صدر جا آمراڻا اختيار واپس ورتا ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي دستخط ڪيا، اهي سڀ تدبيرون آئين جي بحاليءَ لاءِ هيون. سپريم ڪورٽ، عوام ۽ ميڊيا جي آزادي لا. پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان ڪنٽرولڊ جمهوريت کي هلائڻ لاءِ هڪ گروهه پيدا ٿيو، آئين جي آرٽيڪل 58/2 بي جو اختيار هاڻي عدالت ۾ هليو ويو آهي. جڏهن ته اڳ اهو اختيار صدر وٽ هوندو هو، عوام جو هر روز. مينڊيٽ ۽ چونڊيل ايوان تي حملا ٿيندا رهيا، افتخار چوڌري ڪنهن جي هٿ ۾ آيو ۽ اهڙا فيصلا ڏنا، جيڪي آئين ۽ قانون موجب نه هئا. حمزه شهباز يا پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير بڻجڻ سان مون کي ڪو فرق نٿو پوي. سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ ثاقب نثار اسان خلاف مهم هلائي رهيو هو. ثاقب نثار لاڙڪاڻي پهچي اسان جي خلاف تقريرون ڪندو هو، هو تڪراري ڪردار آهي. بلاول ڀٽو زرداري سوال اٿاريو ته 2018 ۾ ادارا جو ڪردار ڪهڙو هو؟ ڇا هڪ رات جي نيوٽرل ٿيڻ سان 70 سالن جا ڏوهه يا آئين شڪني معاف ٿي ويندي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button