اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 ڄڻا فوت،761 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: عالمي وبا ڪرونا پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 8 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 761 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. گلگت، مظفرآباد، صوابي، پشاور ۽ لاهور ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌي وئي. صحت واري قومي اداري موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا جون 20 هزار 843 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 761 ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي. ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، 170 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اين آئي ايڇ ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪرونا هاڪاري ڪيسن جي شرح 3 ڏهائي 65 سيڪڙو تائين پهچي وئي. سڀ کان وڌيڪ شرح گلگت ۾ 19 ڏهائي 64 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ هي شرح 1 ڏهائي 75 سيڪڙو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button