اسلام آبادپاڪستان

ڪشمالا طارق عهدو غيرقانوني استعمال ڪرڻ لڳي،عدالت جو نوٽيس

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪشمالا طارق کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت هراساني جي روڪٿام لاءِ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي قانون واري وزارت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته وفاق ۽ ٻيون ڌريون هڪ مهيني ۾ پيراوائز ڪمينٽس جمع ڪرائين. درخواستگذار جو موقف هو ته ڪشمالا طارق کي 19 فيبروري 2018 ۾ چئن سالن لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، پنهنجي عهدي جو مدو مڪمل ٿيڻ باوجود هوءَ ڪم ڪري رهي آهي. قانون موجب چار سال مدو پورو ٿيڻ تي واڌ نٿي ڏئي سگهجي. درخواستگذار چيو هو ته ڪشمالا طارق مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عهدي جو غير قانوني استعمال ڪري رهي آهي. هراساني جي روڪٿام لاءِ وفاقي محتسب طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button