اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

ٻوڏ متاثرن لا 5-5 لک امداد جو اعلان،نقصان جي تعين لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ دوران نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ڪميٽي ايندڙ چئن ڏينهن اندر سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪري 4 آگسٽ تي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ گهٽ مدي، وچ ۽ ڊگهي مدي جامع پلان جوڙيو ويندو. وزيراعظم چيو ته متاثر، زخمين جي امداد کي 50 هزار مان وڌائي 2 لک ڪيو وڃي. شهبازشريف چيو ته ڪچن ۽ پڪن گهرن جي الڳ امداد کي ختم ڪري سمورن متاثر گهرن لاءِ هڪ جيتري امداد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته گهٽ متاثر گهرن جي امداد 25 هزار مان وڌائي اڍائي لک ۽ مڪمل طور تي متاثر گهرن لاءِ 50 هزارن مان وڌائي پنج لک ڪئي وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هن قدرتي آفت جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. شهبازشريف چيو ته پاڪستان اسان سڀني جي ذميواري آهي، گڏيل مدد سان متاثر ماڻهن جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته قومي ۽ صوبائي ڊيزاٽر مئنجمينت اٿارٽيون ڊيزاٽر مئنجمينٽ بدران ڊيزاسٽر رسڪ مئنجمينٽ جي حڪمت عملي تي عمل ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا بين الاقوامي ڊونر ايجنسين سان رابطو ڪري مالي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪن. شهبازشريف وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ متاثر انفرااسٽريڪچر کي بحال ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ موجود فنڊ جي فراهمي لاءِ وفاقي حڪومت معزز عدالت کي خط لکندي. وزيراعظم چيو ته موسمي تبديلي موجوده دور جي هڪ حقيقت آهي، جنهن جا اثر پاڪستان سميت سڄي دنيا تي پئجي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button