اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ختم ٿي ويو. اجلاس ۾ چيف جسٽس جي نامزد 5 ججن جا نالا اڪثريتي راءِ سان رد ڪيا ويا. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل 5 ججن تي جڊيشل ڪميشن ميمبرن ۾ اختلاف سامهون آيو، جنهن کانپوءِ جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي نامزد ججن خلاف 5 ووٽ آيا، 5 ووٽ مخالفت ۾ اچڻ تي اجلاس ڪجهه چوڻ بنا ختم ڪيو ويو. ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس طارق مسعود، اٽارني جنرل، قانون واري وزارت ۽ پاڪستان بار ڪائونسل مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. سنڌ جي ٻن ججن بابت جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال عثماني به مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڏنو. جسٽس اعجاز الاحسن به نامزدگين جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ذريعن موجب جسٽس رٽائرڊ سرمد جلال جثماني 2 نامزدگين جي مخالفت، 3 جي حق ۾ ووٽ ڏنو. سپريم جڊيشل ڪميشن جي سربراهه چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ 5 نالن تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قيصر رشيد، لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس حسن اظهر شامل هئا. سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس نعمت الله جي نالن تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 جي ڀيٽ ۾ 5 ووٽ مخالفت ۾ اچڻ تي اجلاس ختم ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close