اسلام آبادپاڪستان

سفارتڪارن تي ٽيڪس لڳائڻ بابت بلاول ڀٽو جو وزيراعظم کي خط

اسلام آباد : ٻاهرين ملڪ مقرر سفارتڪارن تي فارن الائونس ٽيڪس لڳائڻ جي معاملي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو وزيراعظم شهبازشريف جي نالي خط لکي ڇڏيو. ذريعن مطابق پرڏيهي وزير وزيراعظم کي خط پرڏيهي آفيسرن جي سخت خدشن کان پوءِ لکيو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻاهرين ملڪ مقرر سفارتڪارن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي. سفارتخانن ۾ پرڏيهي وزارت کان علاوه ٻين ادارن جا آفيسر مقرر هوندا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته فارن الائوس ٽيڪس لڳائڻ سان سفارتڪارن لاءِ مالي مسئلا پيدا ٿيندا. خط ۾ چيو ويو ته سفارتڪارن جي پگهارن ۾ واڌ بدران نئيون ٽيڪس لڳايو ويو آهي. فارن الائونس ٽيڪس پرڏيهي وزارت جي صلاح مشوري کان سواءِ لڳايو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو ته فارن الائونس ٽيڪس لڳائڻ کان اڳ پرڏيهي وزارت کي آگاهه نه ڪيو ويو. پرڏيهي وزير وزيراعظم کي سفارتڪارن تي ٽيڪس لڳائڻ تي نظرثاني جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ذريعن مطابق فارن الائونس ٽيڪس سبب سفارتڪارن کي گذريل پگهار ادا ناهي ڪئي وئي. ذريعن مطابق پگهارون نه ملڻ سبب سفارتي عملي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button