پاڪستانسنڌ

ھاليجي ڍنڍ مان واڳون نڪري روڊ تي اچي ويو، وائلڊ لائف عملي پڪڙي ورتو

گُجو: جنگشاھي ڀرسان قومي شاھراھه کي جنگشاھيءَ سان ملائيندڙ لنڪ روڊ تي واڳون ڏسي گشت ڪندڙ اھلڪارن وائلڊ لائف کاتي کي اطلاع ڪيو. جنگشاھي پوليس جي اھلڪارن مظفر رحيم جوکيو ۽ ڪامران جوکيو جو چوڻ ھو ته ھاليجي ڍنڍ کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جنگشاھي شھر ويجھو 12 فوٽ ڊگھو واڳون روڊ تي نڪري آيو، ھوڏانھن اطلاع تي پھتل وائلڊ لائيف عملي علي شاھه جي اڳواڻيءَ ۾ پھچي واڳون کي پڪڙي ڍنڍ ۾ واپس پھچايو.

ٻئي پاسي واڳون جي اطلاع تي علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦھلجي ويو آھي، ڳوٺاڻن وزير جوکيو، عبدالرحيم جوکيو عالم خان سالار ۽ ٻين چيو ته واڳون 5 ڪلوميٽر سفر ڪري پھتو آھي ته ان مان ظاھر آھي ته آسپاس جي ڍورن، تلائن، تراين ۽ کڏن کامن ۾ ٻيا واڳون به ٿي سگھن ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سرچ آپريشن ڪري علائقي مان ٻيا واڳون ڳولي علائقي واسين مان خوف ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button