پاڪستانسنڌ

سيد سردار شاھه ڪراڙ ڍنڍ جي پل ٽٽڻ جو نوٽيس ورتو، ٽيم پهتي

ڀٽ شاھه: ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھه ڪراڙ ڍنڍ جي پل ٽٽڻ جو نوٽيس ورتو، صوبائٔي وزير جي ھدايتن تي ثقافت کاتي جا عملدار ۽ انجنيئٔر ڪالهه ڪراڙ ڍنڍ تي پھچي ويا، صوبائي وزير جي ھدايتن بعد پلاننگ ۽ ڊولپمنٽ جي اسسٽنٽ انجنيئٔر عمران سوھو، ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائٔريڪٽر رحمت اللھ راڄڙ ۽ غلام مجتبى جوکيو پل جو معائنو ڪيو ۽ ان موقعي تي پل جي زبون حال ۽ ٽٽل حصن جو جائٔزو پڻ ورتو.

ثقافت کاتي جي عملدار غلام مجتبى جوکيو ٻڌايو ته برسات جي تيز وسڪاري ۽ شھر جو سمورو پاڻي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب پل جو ڪجھه حصو ٽٽي ويو آھي، ٽائٔون انتظاميه جي نااھلي سبب ڪراڙ ڍنڍ جي پل کي نقصان پھتو آھي. ھن چيو ته اسان جي مسلسل روڪڻ باوجود شھر جو پاڻي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڇڏيو ويو آھي، ھن وقت صوبائي وزير سيد سردار شاھه نوٽيس ورتو آھي، برسات ختم ٿيڻ بعد ھنگامي بنيادن تي پل جو ڪم شروع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button