پاڪستانسنڌ

هاري اڳواڻ ڏاڏا علي بخش خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد: سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳوڻو هاري اڳواڻ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي ڏاڏا علي بخش خاصخيلي 90 سال جي ڄمار ۾ هالا ڀرسان ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا هو. مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ ادا ڪري، اباڻي قبرستان ۾ انقلابي گيتن ۽ نعرن سان سنڌ هاري ڪميٽي جي ڳاڙهي جهنڊي سان تدفين ڪئي وئي. سينيئر صحافي عبداش پنهور انقلابي گيت ۽ ترانو پڙهيو. مرحوم دادا علي بخش ڳوٺ ڪرم نطاماڻي ۾ جنم ورتو. سنڌ هاري ڪميٽي جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هو. هو ڪامريڊ ڄام ساقي، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ احمد لغاري، عٽمان لغاري، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، فوٽو رستماڻي، غلام رسول سهتو ۽ ٻين هاري اڳواڻن جو ويجهو ساٿي رهيو. هن اسلام آباد، لاهور، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن تائين هارين جي حقن لاءِ پيادل مارچ ڪيا.

ڏاڏا علي بخش مخدوم طالب مولى، استاد گلزار علي خان، سينگار علي سليم، وڏيرو شاهنواز جوڻيجو سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو ويجهو دوست رهيو. هن چمبڙ تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. ايم آر ڊي ۾ گرفتار پڻ ٿيو. دادا علي بخش شادي نه ڪئي. هن سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ تحريڪ هلائي. ڪامريڊ غلام رسول سهتو سان گڏ حيدرآباد کان اسلام آباد تائين مارچ ڪيو. دادا علي بجش جي آخري رسمن ۾ سوين دوستن، ساٿين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، سينيئر صحافي اسحاق مڱريو، قوم پرست اڳواڻ هاشم کوسو، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ مير حسن سريوال، پيپلزپارتي شهيد ڀٽو جو اڳواڻ قاضي ممتاز، طالب جکرو، اياز ميمڻ، حسن لانڊر، عاجز منگي، غلام مصطفى سنجراڻي، امداد چانڊيو، جاويد سوز هالائي، عطا محمد قمبراڻي، علي نواز نظاماڻي سميت ٻين شرڪت ڪئي. دعا لاءِ تڏو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ وڇايو ويو.

هوڏانهن ڏاڏا علي بخش خاصخيلي جي لاڏاڻي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، عباس ملاح، ڪامريڊ شرف الدين سنڌي، مير مختيار آگرو، رحمت الله ٻلال، لياقت سهتو، خالد ڪيريو، آفتاب چنه، ساجن لاکو ۽ ٻين گهري ڏک جو اظھار ۽ 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان به 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button