جهڏو تعلقي جي مختيارڪار نئون ۾ لسٽون نه لڳائڻ تي مختلف دڪاندارن تي ڇاپا هڻي وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ لڳايا. ان سلسلي ۾ ڪلومل ڪريانه، حاجي ڪريانه، ڪامران ڪريانه، ريزڪي دڪاندارن 2-2 ھزار ۽ فلورملز مالڪن حاجي انور راجپوت جي فلور مل مان 5 ھزار ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ان موقعي تي مختيارڪار مير مظھر ٽالپر چيو ته منافعي خورن کي اڄ وارننگ ڏني آهي ۽ ڪجهه ڪارروائي به ڪئي آهي. ريٽ لسٽ جو دڪاندارن کي پابند بڻايو ويندو، ناجائز منافعي خورن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ جيل موڪلنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close