پاڪستان

آرمي چيف جو آءِ ايم ايف تي دٻاء وجهڻ لاءِ آمريڪا سان رابطو

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا کي پاڪستان لاءِ قرض جي رقم جلد جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته ان رابطي جي تصديق پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پڻ ڪئي آهي. رپورٽ مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته وائيٽ هائوس ۽ ناڻي وارو کاتو آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهي ته جيئن عالمي مالياتي ادارو پاڪستان کي اٽڪل هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر فوري طور جاري ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس کي اپيل ڪئي وئي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر جي قرض وارو عمل تيز ڪيو وڃي. واضح رهي ته آءِ ايم ايف 13 جولاءِ تي پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏني هئي، پر پئسا اڃا تائين جاري ناهن ٿي سگهيا. هوڏانهن پرڏيهي ترجمان عاصم افتخار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان رابطي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه جا تفصيل آ ايس پي آر ئي ٻڌائي سگهي ٿو. هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ هن چيو ته اسان اهو نٿا چئي سگهون ته معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي يا نه. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ گهڻ طرفي، گڏيل سهڪار تي ٻڌل رياستي لاڳاپن ۽ گڏيل خوشحالي لا گڏيل مقصدن جي اهميت تي زور ڀريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button