اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي کي پنهنجا اڪائونٽ ڀرڻ جو جواب ڏيڻو پوندو:شيري رحمان

اسلام آباد : وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پي ٽي آئي کي خيرات ۽ غريبن جي نالي تي پنهنجا اڪائونٽ ڀرڻ جو جواب ڏيڻو پوندو. جمعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي حڪومتي دور ۾ هر روز مني بجيٽ ايندي هئي، پي ٽي آئي پنهنجي پوڻن چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ ماضي جي حڪومتن تي الزام مڙهيندي رهي. هي غلط بياني ڪري رهيا آهن، انهن پاڪستان سان ظلم ڪيو. سندن حڪومتي دور ۾ ايڪسپورٽ گهٽجي وئي، قرض وڌي ويا ۽ ڪرنسي جو ُملهه ڪري پيو. اڳوڻي حڪومت 70 سالن ۾ 23 آئي ايم ايف جا پروگرام ورتا، انهن پروگرامن ذريعي 24 هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو. جڏهن پي ٽي آئي جي حڪومت ختم ٿي ته قرض جو حجم 50 هزار ارب رپيا ٿي ويو. هن چيو ته انهن ۾ سچ ٻڌڻ جي همت نه آهي. وفاقي وزير چيو ته برطانوي ميگزين پي ٽي آئي جي فارن فنڊنگ بابت خبر شايع ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آئي لاءِ چندي جي نالي تي مئچ کيڏي وئي، 2 ڏهائي 12 ملين ڊالر جو غبن ظاهر ٿيو آهي. هي رقم پي ٽي آئي جي فنڊن ۾ وئي. هن چيو ته اسان خيرات ۽ غريبن جي نالي تي پنهنجا اڪائونٽ ناهن ڀريا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button