اسلام آبادپاڪستان

جڊيشل ڪميشن جي اجلاس بابت ٻن ججز جي خطن بعد آڊيو جاري

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي حوالي سان ٻن ججز جي خطن کانپوءِ اجلاس جي آڊيو جاري ڪري ڇڏي.پڌرائي موجب چيف جسٽس جي هدايت تي پي آر او سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن تي موقف جاري ڪيو. پڌرائي بابت جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود اختلاف ڪيو ۽ اختلاف سبب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تڪرار ٿيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل اجلاس ملتوي ڪرڻ جي راءِ ڏني، غير امڪاني حالتن ۾ جوڊيشل ڪميشن جي چيئرمين رولز ريليڪس ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ اجازت ڏني وئي ته 28 جولاءِ جي اجلاس جي آڊيو رڪارڊنگ ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وڃي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڊيو رڪارڊنگ موجب اٽارني جنرل رولز ٺاهڻ تائين معاملو ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو. اٽارني جنرل ڪنهن هاءِ ڪورٽ جج جي بابت ميرٽ تي راءِ نه ڏني ۽ نه ئي هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج کي جاچڻ يا رد ڪرڻ تي راءِ ڏني. اهڙي ريت جوڊيشل ڪميشن جي پنجن ميمبرن جي چوڻ تي اجلاس ملتوي ڪو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button