پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جو سبطين خان پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار سبطين خان اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چونڊجي ويو. پينل آف چيئرمين وسيم بادوزئي سبطين خان جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. پينل آف چيئرمين جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جو سبطين خان ايوان جو نئين ڪسٽوڊين هوندو. ن ليگ ۽ اتحادي پارٽين جي اميدوار سيف الملوڪ سبطين خان کي ڪاميابي تي مبارڪ ڏني. سبطين خان جي ڪاميابي تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايوان ۾ نعريبازي ڪئي. ان کان اڳ اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي ٿي ۽ ان لاءِ چونڊ ۾ موبائيل فون کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته پريس گيلري ۾ به فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button