پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي گيسٽرو پکڙجي وئي،سئو کان وڌيڪ مريض اسپتال داخل

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي سميت آس پاس جي ضلعي ۾ گيسٽرو وبا بي قابو ٿي وئي. هڪ ئي ڏينهن اندر 100 کان وڌيڪ مريضن کي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جن ۾ شڪارپور واسي 40 سالن جي فهميده زال غلام مصطفي گوپانگ، لهر ڪالوني واسي 60 سالا پيرسن پٺاڻي خاتون، يارو ديرو واسي حنا ڌيءُ احمد خان تنيو، 30 سالا مظفر کوکر سميت 100 کان وڌيڪ مرد، پيرسن عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرن طرفان اسپتال آندل گيسٽرو جي متاثر مريضن جو علاج جاري آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو ٻڌايو ته هن وقت گيسٽرو جا مريض تمام گهڻا اچي رهيا آهن، جن جو علاج اسان بهتر نموني سان ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته حادثن واري شعبي ۾ هيٽ اسٽروڪ جو وارڊ آهي، جتي هيٽ اسٽروڪ جا مريض نه آهن، جنهن لاءِ اسان ان وارڊ ۾ گيسٽرو جي مريضن کي رکيو آهي ته جيئن انهن جو سٺي نموني سان علاج ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button