سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گمبٽ واسڻ جو ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ سکيو ڏاهري جي رهواسڻ پنهنجي پيرسن ما ۽ ڀاءُ سان گڏجي ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ناري سعديا زال نويد ڏاهري پيرسن ما ملڪه خاتون ۽ ڀاءُ دانيال لغاري سان گڏجي دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽئنڪ چوڪ واري علائقي جي رهواسڻ آهيان، 29 جون تي شادي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ سکيو ڏاهري جي رهواسي نويد ڏاهري سان ٿي. هن الزام لڳايو ته شادي کانپوءِ مڙس، ڏير پرويز ڏاهري ۽ سس بيگناهه تشدد ڪندي والدين جي گهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا، گذريل 26 جولائي تي لاڙڪاڻي ۾ ننڍي ڀيڻ جي شادي هئي، جنهن لاءِ مڙس کي والدين جي گهر وٺي وڃڻ جو چيو پر هن اجازت ته ڏني، ويتر مڙس نويد، ڏير پرويز ڏاهري ۽ سس 27 جولائي تي سخت تشدد جو نشاڻو بڻائيندي مٿي ۾ چانھه جا پيالا هڻي رتو رت ڪري گمبٽ اسپتال کڻائي آيا، جتي مان پنهنجي ما کي فون تي دانهن ڏني، جنهن بعد منهنجي ما ۽ ڀاءُ اسپتال پهچي مونکي پاڻ سان گڏ لاڙڪاڻي وٺي آيا. هن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ميرس کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مڙس، ڏير ۽ سس خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button