سنڌ

ڪراچي ۾ ٻه ماڙ عمارت ڊهي پئي، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 زخمي

ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ ٻه ماڙ رهائشي عمارت ڊهي ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي ۽ ماءُ دٻجي فوت، جڏهن ته مڙس ۽ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا. تفصيل مطابق سعيد آباد جي علائقي بلديا ٽائون سيڪٽر فيلڊ مارشل اسڪول ڪاڪڙ هوٽل ويجهو ٻه ماڙ رهائشي عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ڌيءَ فوت ٿي ويا، جڏهن ته فوتي عورت جو مڙس ۽ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا. فوتي ماءُ ڌيءَ جا لاش ۽ زخمين کي ايڌي ايمبولنس ۾ پهريان مرشد اسپتال ۽ پوءِ اتان زخمين کي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ سول اسپتال پهچايو ويو، عورت جي سڃاڻپ 30 ورهين جي عذرا زال ضيا الرحمان ۽ ان جي چئن ورهين جي ڌيءَ زويا جي نالي سان ٿي آهي. فوتي عورت جي ٻي ڪجهه مهينن جي ڌيءَ زينب، پٽ شاهد ۽ مڙس کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، ريسڪيو رضاڪارن مطابق چئن زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو آهيئ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبو هٽايو. ڊهي ڪري پيل گهر ڪجهه عرصو اڳ ئي ٺاهيو ويو هو، فوتي ۽ زخمين جو اباڻو تعلق خيبرپختونخواه سان ٻڌايو وڃي ٿو. پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گهر ڪرڻ جي جاچ ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي عمارت ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي ايڌي جا رضاڪار ۽ پوليس ۽ رينجرز ٿڏي تي پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button