سنڌ

ڏک جي گهڙي ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهيون:بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فلڊ رليف آپريشن دوران شهيد ٿيل پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ سپاهي جي وارثن سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته امدادي ڪمن دوران هيليڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ سپاهي جي شهادت جي خبر ٻڌي سخت صدمو پهتو. پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ سپاهي امدادي ڪم نڀائڻ دوران شهادت ماڻي. پاڪستان پيپلز پارٽي جو هر هڪ ڪارڪن ۽ سپورٽر هن حادثي تي وارثن ۽ پاڪ فوج جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. بلاول ڀٽو زرداري ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، برگيڊيئر امجد حنيف، برگيڊيئر محمد خالد، ميجر سعيد احمد، ميجر طلحه منان ۽ نائڪ مدثر فياض جي شهادت تي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button