سنڌ

ميرو خان مان 2 مهينا اڳ گم ٿيل نينگر بازياب ٿي گهر پهچي ويو

ميرو خان مان 2 مهينا اڳ گم ٿيل حافظ قرآن نينگر بازياب ٿي گهر پهچي ويو. ميرو خان جي عيد گاهه پاڙي جو رهواسي حافظ قرآن نينگر ٻن مهينن بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويو. بازياب ٿي گهر پهتل فضل الرحمان بکراڻي صحافين کي ٻڌايو ته هو موبائل وٺڻ لاءِ گهران 20 هزار کڻي لاڙڪاڻي ويو، جتي 8 هزار ۾ پراڻو موبائيل فون خريد ڪرڻ بعد نئون ديرو روڊ واري علائقي ۾ هڪ باغ ۾ ويهي موبائيل فون هلائي رهيو هيس ته گهوڙو سانگي نالي همراهه اڪيلو ڏسي موبائل فون ۽ پئسا ڦري اغوا ڪري ساٿي نالي بلاول ڀٽو جي جڳھه تي کڻي ويو، جتي شروعاتي ڏينهن ۾ قيد ڪري رکيو ويو. نينگر ٻڌايو ته جوابدار گهوڙو سانگي، بلاول ڀٽو ۽ غلام علي چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ سج لهڻ بعد مختلف جڳهن تي منتقل ڪري قيد ڪري رکندا هئا ۽ قيد دوران مارڪٽ ڪرڻ سان گڏ صرف هڪ ويلو ماني ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته توکي مارينداسين يا وڪرو ڪري ڇڏينداسين. هن ٻڌايو ته ڪجھه ڏينھن اڳ گهوڙو سانگي ۽ بلاول ڀٽو ٻڌايو ته سندن ساٿي غلام علي چانڊيو کي ميرو خان پوليس تنهنجي موبائيل ٽريس ڪري گرفتار ڪيو آهي، هاڻي ڇا ڪريون، نينگر فضل الرحمان بکراڻي ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ گهوڙو سانگي ۽ بلاول ڀٽو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ گاڏي تي کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ پيشاب ڪرڻ لاءِ لٿا ته مان وجهه وٺي گاڏي تان لهي ڀڄي ويس ۽ بعد ۾ ان روڊ تان ايندڙ موٽر سائيڪل سوار کي هٿ ڏئي بيهاريو جيڪو سکر اچي رهيو هو ۽ هن مونکي سکر ۾ لاٿو ته رات ٿي چڪي هئي، جيڪا رات مون هڪ درگاهه تي گذاري. ٻي ڏينهن تي پاڻ وٽ رکيل سم ۾ ڪنهن اجنبي کان موبائيل فون وٺي ان ۾ وجهي پنهنجي چاچي ڌڻي بخش بکراڻي سان ڳالهايو، جيڪو سکر کان ڳوٺ همايون شريف وٺي ويو ۽ اتان پيءُ ميروخان پنهنجي گهر وٺي آيو آهي. ٻي طرف ميرو خان پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر فضل الرحمان کان ڦر ڪيل موبائل کي ٽريس ڪري هڪ ڄڻي غلام علي چانڊيو کي گرفتار ڪيو، جيڪو هن وقت به پوليس حراست ۾ آهي، جنهن بعد گرفتار جوابدار جي باقي ساٿين پوليس جي دٻا ۽ ڇاپي جي ڊپ کان نينگر فضل الرحمان بکراڻي کي آزاد ڪيو آهي. هوڏانهن نينگر حافظ فضل الرحمان بکراڻي جي سلامت گهر پهچڻ تي گهر ۾ خوشي پکڙجي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button