پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿي چڪو آهي، جيڪو شخص ڪوڙو حلف نامو اليڪشن ڪميشن کي ڏي، اهو صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي، پرڏيهين کان پئسا وٺي ملڪي سياست کي گندو ڪندڙ عمران خان عوام جو ڏوهي آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿي چڪو آهي، ڪرپشن جي خلاف عمران خان جو بيانيو ڪوڙو نڪتو. پي ٽي آئي جو بنياد ئي ڪرپشن تي رکيو ويو هو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي جاچ کان روڪڻ لاءِ ابتيون حرڪتون ڪندڙ عمران خان قوم جي سامهون وائکو ٿي ويو آهي. هن چيو ته پرڏيهين کان فنڊ وٺي پرڏيهي سازش جو نعرو لڳائڻ پي ٽي آئي جي منافقت هئي، جيڪا هاڻي وائکي ٿي چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان ڪرپشن جي خلاف نام نهاد مهم انهيءَ لاءِ هلائي ته پنهنجي ڪرپشن کي لڪائي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close