سنڌ

عمران نيازي لاءِ الڳ پاڪستان نٿو ٿي سگهي:مرتصيٰ وهاب

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران نيازي لاءِ الڳ پاڪستان نٿو ٿي سگهي، اوهان کي جيڪو سٺو لڳي اهو ٺيڪ ۽ جيڪو برو لڳي اهو خراب، گهڻو ٿي ويو، هاڻي بليڪ ميلنگ نه هلندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته عمران خان وٽ پنهنجي لاءِ هڪ اصول ۽ ٻين جي لاءِ ٻيا اصول آهن، 2013 ۾ اليڪشن هارائي ٿو ته 35 پنڪچر جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن 2018 ۾ اليڪشن کٽي ٿو ته سڀ سٺو آهي، 2014 کان اليڪشن ڪميشن سٺ وآهي جڏهن فيصلو محفوظ ٿئي ٿو ته اليڪشن ڪميشن برو ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان پرائيويٽ ليميٽيڊ نه آهي، فرق واري سياست ختم ڪرڻي پوندي، ائين نٿو ٿي سگهي ته عمران خان لاءِ الڳ پاڪستان ٺاهيو وڃي. عمران خان جي مرضي جو پاڪستان نٿو ٿي سگهي. آئين قانون ۽ جمهوريت کي ترجيح ڏيڻي پوندي، هاڻي بليڪ ميلنگ نٿي ٿي سگهي، ڪالهه اليڪشن ڪميشن ٻه فيصلا ڪيا آهن. هڪ پابندي پيل فنڊنگ وٺڻ ۽ ٻيو جمع ڪرايل گوشوارا غلط آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button