سنڌ

غازي ڳوٺ واقعي تي آفيسر معطل ٿيا،جاچ هلي رهي آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ اسيمبلي ميمبرن ڪراچي ۾ منشيات جي وڌندڙ رجحان تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي هي معاملو سنڌ اسيمبلي ۾ به اٿاري ڇڏيو آهي. اربع تي ايوان جي ڪارروائي ۾ تحريڪ انصاف جي شاهنواز جدون پنهنجي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ڪيماڙي جي علائقي ۾ گٽڪو ۽ منشيات وڌي وئي آهي، هيروئن ۽ آئس جا سرعام اڏا بڻجي ويا آهن، ننڍا ننڍا ٻار نشو ڪري رهيا آهن، روزانو گهرن ۾ چورين ۽ ڦر جا واقعا وڌندا پيا وڃن. هن شڪايت ڪئي ته ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي سان رابطو ڪري چڪو آهيان. مڪيش ڪمار چاولا جواب ڏيندي چيو ته ان صورتحال کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي. 245 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 3 گٽڪي جون فيڪتريون سيل ڪري ڇڏيون آهن، منشيات کي روڪڻ اسان سڀني جو فرض آهي. سعيد آفريدي جي پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ انهيءَ پاسي اشارو ڪندي چيو ته ڪراچي خاص طور تي سندس تڪ ۾ هر گهٽي ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، پوليس ان تي ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي. هن الزام مڙهيو ته ڪراچي ۾ 363 اڏا پوليس جي نگراني ۾ هلي رهيا آهن، هتان جي پوليس ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڇو نه پئي ڪري. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته اولهه ضلعي ۾ زيرو ٽالرنس پاليسي رکي وئي آهي، 83 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن. اولهه ضلعي ۾ 88 ڪلو چرس پڪڙيو ويو آهي، جڏهن ته هيروئن 264 گرام پڪڙي وئي آهي، آئس کي ضبط به ڪيو ويو آهي. پوليس پنهنجي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هي سموري منشيات ٻاهران اچي ٿي، ڪي پي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت نه آهي، اسان جي حڪومت جي ڪوشش آهي ته منشيات کي روڪيو وڃي. تحريڪ انصاف جي اديبه حسن پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته غازي ڳوٺ ۾ جهڙي طرح عورتن ۽ ٻارڙن تي شيلنگ ڪئي وئي، حڪومت پاران ان لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو. هن چيو ته جڏهن مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ انهن وٽ ويو ته مٿس ايف آئي آر ڪٽي وئي. شرجيل ميمڻ جواب ڏيندي چيو ته جيئن ئي هي واقعو ٿيو، وڏي وزير فوري ايڪشن ورتو هو، پيپلزپارٽي فوٽو سيشن تي يقين نٿي رکي. وڏي وزير ان جي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو، ڊي ايس پي، انسپيڪٽر کي معطل ڪيو ويو. هن واقعي جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ان ۾ڪو وڏو آفيسر به ملوث هوندو ته اهو به معطل ٿيندو. ايم ڪيو ايم جي رابعه خاتون پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته هاڻوڪين برساتن جي ڪري ڪراچي جا سمورا روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، هر پاسي ننڍا وڏا کڏا پئجي ويا آهن، جيڪي نيون بسون آيون آهن، انهن جو حال به خراب ٿي ويندو. هن چيو ته عوام کي سهولت مان درست فائدو هئڻ گهرجي. هن وقت سڄي شهر جو حال برو آهي. شرجيل انعام ميمڻ جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ستل نه آهي، سنڌ حڪومت ڏيڍ ارب رپيا فوري طور تي ڪي ايم سي کي ڏنا آهن، فوري طور تي رستن کي بهتر ڪري رستن تي جلد ڪم شروع ٿي ويندو، اربين رپيا منظور ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جون ترجيحون به اهي ئي آهن ته بنا دير رستا بحال ڪيا وڃن، گندڪچرو کڻي رستن کي صاف ڪيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنهن کي آرام سان ويهڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button