اسلام آبادپاڪستان

2012ع ۾ پرڏيهي فنڊ وٺڻ غيرقانوني نه هو،پئسن بنا پارٽي ڪيئن هلندي:عمران خان

اسلام آباد:پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن آفيس اسلام آباد، لاهور، ڪراچي سميت ملڪ ۾ ٻين هنڌن تي پڻ آفيسن ٻاهران احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 2012ع ۾ پرڏيهي ڪمپنين کان فنڊ وٺڻ غيرقانوني نه هو. اسان پئسا ورتا ته اهي قانوني طور تي جائز هئا. عارف نقوي کان اسان 2012ع ۾ پئسا ورتا ۽ مٿس الزام 2018ع ۾ هنيو ويو، جيڪو اڃا ثابت ناهي ٿيو. پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ڪالهه احتجاج کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انهن کي خوف آهي، ڇو ته قوم پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺي آهي، قوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انهن اليڪشن ڪميشن کي استعمال ڪيو. انهن سڀني سوچيو ته تحريڪ انصاف جو جنازي نڪري ويو، ماڻهن جي دلين کي الله ڪنٽرول ڪندو آهي. الله ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ اهي روڊن تي نڪتا. هن چيو ته پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ اهي ڌانڌلي باوجود هارائي ويا، انهن پئسو لڳايو ته اسان جي پارٽي ُٽٽي، اهي سدائين ادارن کي استعمال ڪندا آهن. هن چيو ته ن ليگ جو وفد اليڪشن ڪميشن وٽ ويندو آهي ته فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪيو، انهن کي خوف آهي ته قوم سندن ڪنٽرول مان نڪرندي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن هڪ طريقو آهي، جنهن سان ماڻهن کي غلام بڻائڻو آهي. اليڪشن ڪميشن آرام سان ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي، مان ڪوشش ڪئي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين اچي ته جيئن ڌانڌلي نه ٿئي. اليڪشن ڪميشن انهن سان گڏجي ڪوشش ڪئي ته اي وي ايم نه آندي وڃي. عمران خان چيو ته حقيقي جمهوريت جو مقصد حقيقي آزادي آهي، پئسن تي ماڻهو کپي رهيا هئا ته اليڪشن ڪميشن ڪو ايڪشن نه ورتو. جڏهن اسان ڪمپنين کان پئسا ورتا ته ان وقت قانوني طور اهو جائز هو. 2012 ۾ ٻاهرين ڪمپني کان پئسا اچي پئي سگهيا ۽ 2017 ۾ پئسا وٺڻ تي پابندي لڳي. سياسي جماعت پئسي بنا ڪيئن ٿي هلي سگهي؟ ٻن مافياز جي پارٽين وٽ پئسو آهي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن رنڊڪون ۽ رستي تي وڇايل تارون هٽائيندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٻاهران احتجاج لاءِ پهتا ۽ يادداشت جمع ڪرائڻ کان پوءِ هليا ويا. اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج لاءِ پهتل پي ٽي آئي جي اسيمبلي ميمبرن ۾ سينيٽر فيصل جاويد خان، فواد چوڌري، پرويز خٽڪ، اسد عمر، اعظم سواتي، شبلي فراز ۽ ڪنول شازيب ۽ ٻيا شامل هئا. ميمبرن اليڪشن ڪميشن جي آفيس ڏانهن مارچ دوران امپورٽيڊ حڪومت نامنظور جا نعرا هنيا، مظاهرن کي پلي ڪارڊ به هئا جن تي لکيل هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا استيعفا ڏئي هليا وڃو، ڪجهه بينرز تي ڌر اليڪشن ڪمشنر نامنظور ۽ اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سان ٻٽ بڻيل آهي. هن کان اڳ پي ٽي آئي ميمبرن کي اليڪشن ڪميشن جي دروازي تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن روڪيو هو جڏهن ته پوليس ۽ ميمبر پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا. پي ٽي آئي جي اسيمبلي ميمبرن اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچڻ کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي خلاف هڪ يادداشت جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو ته هو چيف اليڪشن ڪمشنر جي حيثيت سان غيرآئيني، غير جمهوري ۽ تعصباڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. يادداشت ۾ چيو ويو ته پي ٽي آئي صوبائي ۽ وفاقي چونڊن ۾ حاصل ڪيل ووٽن ۽ ايوانن ۾ نشستن جي لحاظ کان سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي ۽ هن وقت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اقتدار ۾ آهي، ان سان گڏ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به معاملا حڪومت نڀائي رهي آهي. پي ٽي آئي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن گذريل ڊگهي عرصي کان پي ٽي آئي جي خلاف مسلسل فرق وارو رويو اختيارڪري ورتو آهي ۽ ڪميشن عام ڪري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جو تعصب انهن فيصلن مان ظاهر ٿئي ٿو جيڪي ان عرصي ۾ ان جي نگراني ۾ ڪميشن پاران ڪيا ويا. يادداشت ۾چيو ويو ته ڪميشن جي تعصب ۽ آئين کي پٺي ڏيڻ جي لسٽ ڊگهي آهي پر 2 آگسٽ 2022 تي پابندي پيل فنڊنگ جي ڪيس جو فيصلو آئين ۽ قانون کان مڪمل انڪار، پي ٽي آئي جي خلاف انتقام جي ڪارروائي ۽ حقيقتن کي لاڳيتو نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پي ٽي آئي جا اسيمبلي ميمبر اليڪشن ڪميشن ۾ يادداشت جمع ڪرائڻ کان پوءِ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button