پاڪستان

هيليڪاپٽر حادثو، غلط پروپيگنڊا تي پاڪ فوج ۾ شديد ڪاوڙ آهي: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج لسٻيلا هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ ناڪاري سوشل ميڊيا مهم سبب شهيدن جي پونئيرن جي دل آزاري ٿي جنهن تي شهيدن جي ڪٽنبن ۽ پاڪستان فوج جي رينڪ اينڊ فائل ۾ شديد غم، ڪاوڙ ۽ بيچيني آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هن ڏکئي ۽ تڪليف ڏيندڙ وقت ۾ سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي هئي پر ڪجهه بي حس حلقن طرفان سوشل ميڊيا تي تڪليف ڏيندڙ ۽ توهين جوڳي مهم هلائي وئي، اهي بي حس رويا قبولڻ جوڳا ناهن ۽ مذمت جوڳا آهن. جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته لسٻيلي ۾ هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن غلط قسم جي پروپيگنڊا ڪئي، توهين جوڳا ۽ ۽ غير حساس تبصرا شروع ڪيا ويا جيڪو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، بيحسي جو رويو ناقابل قبول آهي ۽ هر سطح تي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جنهن هنڌ تي اهو حادثو پيش آيو اتي پاڻي تمام گهڻو هو، ۽ ان علائقي ۾ ماڻهن کي تمام گهڻي امداد جي ضرورت هئي، ڪور ڪمانڊر پاڻ اتي ويو، هو رليف آپريشن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو هو، ان دوران موسم جي غير متوقع طور تي خراب صورتحال پيدا ٿي. هن چيو ته هو رليف آپريشن جي نگراني ڪرڻ کانپوءِ واپس وڃي رهيا هئا ته حب ڊيم وٽ غير متوقع خراب موسم سبب اهو افسوسناڪ حادثو پيش آيو ۽ مائونٽين ڊرين ۾ هيليڪاپٽر ڪريش ٿيو. هن چيو ته ان حوالي سان جيتري به جاچ ٿي آهي، اهي ئي شيون سامهون آيون آهن. ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته “پهرين آگسٽ کانپو ءِ جڏهن اهو افسوسناڪ حادثو ٿيو، پورو ادارو ۽ شهيدن جا وارث ان پيڙاهه مان گذري رهيا هئا، گذريل ڏينهن مڪمل اعزاز سان انهن جي تدفين ڪئي وئي ۽ شام جو شهيدن لاءِ دعا به ڪئي وئي.” هن چيو ته “ان سموري عمل مان گذرندي اسان کي ٽي چار ڏينهن لڳا جنهن ڪري اهو بيان اڄ ڏنو ويو آهي، هن بيان جو سبب اهو آهي ته جڏهن اهو حادثو ٿيو ته ان کان ترت پو ءِ سوشل ميڊيا تي ماڻهن غلط قسم جي پروپيگنڊا ڪئي وئي، ۽ توهين جوڳا ۽ غير حساس تبصرا شروع ڪيا ويا جيڪو تمام تڪليف ڏيندڙ آهي.” هن چيو ته اڳ ۾ ئي شهيدن جا خاندان ۽ پوري قوم تڪليف واري صورتحال مان گذري رهي هئي، ان دوران اهڙي قسم جون قياس آرائيون ڪرڻ ۽ پنهنجي ذاتي ترجيحن کي سامهون رکندي سوشل ميڊيا تي اهڙا تبصرا ڪرڻ انتهائي غير حساس هو، جنهن جي ڪري ادارن، آفيسرن، جوانن ۽ خاص ڪري شهيدن جي خاندانن کي تمام گهڻو تڪليف پهتي. هن چيو ته اهو ٻڌائڻ ضروري هو ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي ۽ جهڙي طرح پوري قوم جي سپورٽ اسان کي ۽ شهيدن جي خاندانن کي ملي، ان لاءِ پوري قوم جو جيترو ٿورو مڃيو وڃي ايترو ئي گهٽ آهي اهو ئي اسان جو فخر آهي، هن ئي قوم جي سپورٽ سبب اسان جي فوج بيٺل آهي ۽ اسان جا آفيسر ۽ جوان ڏينهن رات قوم جي خدمت ۾ مصروف آهن ۽ تاحيات رهندا. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪو اهڙو ڪم شروع ٿي وڃي ٿو، اهو نه ٿيڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي سماج ۾ انهن شين کي ڏسڻ ۽ اسان کي اهڙن عنصرن کي رد ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو سڀ اسان گڏجي ئي ڪري سگهو ٿا، انفرادي طور تي نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ان ڪري اسان پريس رليز جاري ڪئي آهي ته بيحسي جو رويو بلڪل قابل قبول ناهي ۽ هر سطح تي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي. افغانستان ۾ القاعده سربراهه ايمن الظواهري جي مارجي وڃڻ بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم تي ڳالهائيندي هن چيو ته “پرڏيهي وزارت ان حوالي سان مڪمل طور تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي ان ۾ ٻي ڪا شڪ واري ڳالهه ناهي، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته پاڪستان جي سرزمين ان قسم جي شي ءِ لاءِ استعمال ٿي آهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button