اسلام آبادپاڪستان

عمران پرڏيهي فنڊنگ جي عيوض ڪشمير جو سودو ڪيو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پي ٽي آءِ ملازمن جي ذاتي اڪائونٽن ۾ خيرات جو پئسو گهرائي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ۽ ڪشمير جو سودو ڪري پرڏيهي فنڊنگ وٺڻ جو عهدو پورو ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پابندي پيل فنڊنگ گهرائي ۽ اهي اڪائونٽ ان ڪري ڊڪليئر نه ڪيا، ڇو ته اهو چوري جو پئسو هو. اها خيرات جي رقم پي ٽي آءِ ملازمن جي ذاتي اڪائونٽن ۾ گهرائي وئي، جنهن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان ڪيس جي فيصلي ۾ رنڊڪون وجهندو رهيو ۽ پوءِ دعويٰ ڪيائين ته اهو ٽيڪنيڪي معاملو آهي ۽ مون کي خبر نه هئي ته منهنجي پارٽي جي ملازمن جي اڪائونٽن ۾ پئسو ايندو رهيو، عمران خان کي خبر پئي ته اهو پئسو ڪٿان اچي رهيو آهي. سندس موجب عمران خان ٻه (پاڪستاني ۽ پي ٽي آءِ) جا جهنڊا رکي دعويٰ ڪري ٿو ته اليڪشن ڪميشن ڪوڙ ٿي ڳالهائي. چئي ٿو سڪندر سلطان راجا کي اليڪشن ڪميشن لڳائڻ تمام وڏي غلطي هئي، ڇا عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر ان ڪري لڳايو هو ته هو فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو نه ڏئي؟ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي پارٽي فارن ايڊڊ ڊڪليئر ٿي آهي. عمران خان ڪوڙو حلفي بيان ڏنو، عمران خان جي ڳالهه ٻڌندڙ ماڻهن کي کانئس اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته هو فارن فنڊنگ سان ڇا ڪندو رهيو؟ وفاقي وزير موجب عمران خان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري سي پيڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو سندس هدف هو، ڇو ته هن فارن فنڊرز سان ڪمٽمينٽ ڪئي هئي، عمران خان ملڪ اندر سول نافرماني ڪئي، اڄ به ان جو اهو ئي رويو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، کيس هٽائي بلينڊر ڪيو ويو، عمران خان ڪشمير جو به سودو ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، ملڪ ۾ نفرت، سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو، ميڊيا جي ماڻهن کي قيد ڪيو، هر پاڪستاني کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته اڄوڪي صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button