اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخواسنڌ

پي ٽي آ فنڊنگ ڪيس:اسد قيصر،محمود الرشيد،عمران اسماعيل طلب

اسلام آباد/پشاور :وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) تحريڪ انصاف خلاف پابندي مڙهيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ محمود الرشيد، سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ ڊاڪٽر سيما ضيا کي جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ پابندي مڙهيل فارين فنڊنگ واري ڪيس جي انڪوائري جي سلسلي ۾ وفاقي جاچ واري اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ محمود الرشيد کي طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي پشاور جي جاچ آفيسر طرفان اسد قيصر کي يارنهن آگسٽ تي ايف آءِ اي خيبرپختونخوا آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. اسد قيصر ڏانهن موڪليل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس جي فيصلي موجب توهان جا ٻه بئنڪ اڪائونٽس آهن. توهان ٻه بئنڪ اڪائونٽ کوليا ۽ استعمال ڪيا، تنهنڪري ذاتي حيثيت ۾ جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيو ۽ بئنڪ اڪائونٽن بابت سوالن جا جواب ڏيو. ذريعن موجب ايف آءِ اي اڪنامڪ ڪرائم ونگ پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جاچ ٽيمن جي رهنمائي ۽ ڪوآرڊينيشن لاءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٽريننگ ڊاڪٽر انعام وحيد جي سربراهي ۾ 5 رڪني اسپيشل مانيٽرنگ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي روڪيل فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي مڙهيل فنڊنگ ثابت ٿي چڪي آهي. پي ٽي آءِ کي ابراج گروپ سميت پرڏيهي ڪمپنين کان فنڊنگ ملي. پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کان پنهنجا 16 اڪائونٽ لڪائي ڇڏيا. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ مس ڊيڪليئريشن جمع ڪرائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جو سرٽيفڪيٽ نااهل ٿي ويو. عمران خان جي حلف نامي ۾ ڪوڙا بيان شامل آهن. هوڏانهن ايف آءِ اي ڪراچي ۾ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي سربراهي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمرشل بئنڪ سرڪل رابعا قريشي ڪري رهي آهي. ايف آءِ اي منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر سيما ضياءَ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي به جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پابندي هنيل فنڊنگ ڪيس واري فيصلي بعد ايف آءِ اي به پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ آفيس ملازمن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button