پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام آڻي رهي آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي :سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان بتول زهرا جي سربراهي ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري مارٿا مونٽيريسي ۽ ٽريڊ مينيجر سارا شامل هيون. وزيراعليٰ سنڌ جو سيڙپڪاري بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ پڻ موجود هو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي وفد کي ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ڪراچي پرامن ۽ سيڙپڪاري لاءِ محفوظ شهر آهي، جتي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. پيپلز بس سروسز جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته اورينج لائن جو جلد آغاز ڪيو ويندو. اسان جي ترجيح آهي ته يورپي معيار جون بسيون آڻِيون. هن چيو ته شهر جي انفراسٽرڪچر ۽ خاص ڪري پيپلز بس سروسز جي روٽس جي بهتري لاءِ وزيراعليٰ سنڌ ڏيڍ ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تي ڪم جي شروعات ٿي وئي آهي. .هڪ مهيني ۾ پيپلز بس سروسز جي روٽس تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. ھن چيو ته ڪي سي آر ڪراچي لاءِ ٽرانسپورٽ جو اهم منصوبو آهي. وزيراعليٰ سنڌ ڪي سي آر کي ٻيهر سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ معاملو وفاقي حڪومت سان اٿاريو آهي. جڏهن ته ڪي سي آر جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button