اسلام آبادپاڪستان

سوات ۾ طالبان جي اطلاعن تي افغان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون:خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته سوات ۾ طالبان جي موجودگي جي اطلاعن کي ڏسي رهيا آهيون، اسان افغان حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. ملڪي سلامتي وارن ادارن جو احترام سمورين سياستي پارٽيز تي لاڳو ٿئي ٿو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ملڪي سلامتي جي ضامن ادارن جو احترام سڀني تي لازم آهي. سندس چوڻ هو ته سياستدانن کي پاڪ فوج سميت ساک رکندڙ ادارن جو تقدس جو خيال رکڻ گهرجي، جهيڙا ٻين لاءِ بچائي رکو. هن وڌيڪ چيو ته مشرف جي حڪومت ختم ٿي ۽ رول بيڪ ٿئي ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي. سياستدانن کي هي جهيڙا پنهنجي حدن ۾ جاري رکڻ گهرجن، ڪنهن ٻئي جي حدن ۾مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. شهباز گِل جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي بچاءُ واري وزير جو چوڻ هو ته قانون جي ڀڃڪڙي تي قانون موجب منهن ڏينداسين، ٻڌو آهي ته شهباز گِل ڪالهه چيو ته فوج منهنجي جند جان آهي، جيڪڏهن ائين چيو اٿائين ته اهو سٺو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءُ واري وزير چيو ته سوات ۾ طالبان جي موجودگي جي اطلاعن کي ڏسي رهيا آهيون، اسان افغان حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button