پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ڪراچي وارن لاءِ بجلي 11 رپيا 10 پئسا مهانگي،مهيني ۾ 22 ارب اضافي اوڳاڙيا ويندا

اسلام آباد: نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ڪراچي لاءِ بجلي 11 رپيا 10 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها وصولي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن ۾ ڪئي ويندي. نيپرا جي پڌرائي موجب بجلي جون جي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيپرا موجب جون جو ايف سي اي صارفين کان ٻن مهينن ۾ وصول ڪيو ويندو. آگسٽ ۾ صارفين کان 3 رپيا 1 پئسا في يونٽ تي اوڳاڙيا ويندا. جڏهن ته سيپٽمبر جي بلز ۾ في يونٽ 8 رپيا 9 پئسا اضافي اوڳاڙيا ويندا. نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ 11 رپيا 39 پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، اٿارٽي 28 جولاءِ 2022ع تي ايف سي اي تي عوامي شنوائي ڪئي هئي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو صرف آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن جي بلن تي لاڳو ٿيندو. اهو لائف لائن جي صارفين کانسواءِ سمورن اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو هوندو. اطلاعن مطابق بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان ڪراچي جي صارفين تي هڪ مهيني ۾ 22 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button