اسلام آبادپاڪستان

13 آگسٽ تي ٻڌائيندس ته حقيقي آزادي ڇا آهي ۽ ڪيئن ورتي ويندي آهي:عمران

اسلام آباد :تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 13 آگسٽ تي لاهور ۾ پاڪستان جي حقيقي آزادي لاءِ درخواست ڏيندس، اتي ماڻهن کي ٻڌائيندس ته حقيقي آزادي ڇا هوندي آهي. اسلام آباد ۾ اقليتي ڪنويشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان سڀني اقليتن کي برابر جو شهري سمجهون ٿا، اسان پاڪستان ۾ اقليتن کي برابر جا حق ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ تيستائين اڳتي نٿو وڌي سگهي جيستائين انصاف نه ٿئي، انصاف جو مطلب آهي ته ڪمزور ۽ طاقتور قانون سامهون برابر هجن. سندس چوڻ هو ته قائداعظم کي شروع ۾ هندن ۽ مسلمانن جو ايمبيسڊر سمجهيو ويندو هو. ان کانپوءِ کيس اندازو ٿيو ته ڪانگريس ۾ موجود ماڻهن هندن جي آزادي چاهي، ان کانپوءِ قائداعظم مسلمانن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. هڪ گروهه آهي جيڪو ملڪ تي حاوي ٿي ويو آهي ۽ جڏهن چوري ڪري ٿو ته اين آر او جو مطالبو ڪري ٿو. حقيقي آزادي ماڻهن کي تڏهن ملي ٿي جڏهن ملڪ جو انصاف وارو نظام ماڻهن کي آزاد ڪري. عمران خان وڌيڪ چيو ته شهباز گل جي ڊرائيور جي ننڍي ڌيءَ کي ماءُ سان ملڻ نه ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button